گهوٽڪي: چاچڙ برادري پاران ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو

گهوٽڪي  ڀرسان ڳوٺ درمحمد چاچڙ ۾ ڪجه ڏينهن اڳ جرڳي جي معاملي تان چاچڙ برادري جي مٿان هڪ ڪروڙ چار لک ڏنڊ وجهڻ واري معاملي بعد متاثرن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ  خلاف احتجاجي ڪندي قومي شاهراه بلاڪ ڪري ڌرڻو  هنيو ويو ، جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي  متاثر ڌر جي ماڻھن صوبدار چاچڙ ۔نواز شريف چاچڙ جو چوڻ هو ته با اثر وڏيري محمد علي چاچڙ  ۽ ملهار چاچڙ وارن انهن جي ماڻهن تي بنا جواز ايف آر داخل ڪرايون آهن گهوٽڪي پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي

ڌرڻي  واري هنڌ ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ پهچي متاثر ڌر سان ڳالهيون ڪري انهن کي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.