ٽنڊو الهيار: پي ڊي ايم ۾اختلاف ناهن،وزيراعظم جو رويو سمجهه کان ٻاهر آهي:مراد شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي  ته  پير نور محمد شاھ جي پ پ ۽ اسان سان پراڻي وابستگي هئي ھن جو وڇوڙو گھروخال آهي،  ٽنڊوالھيار  لڳ ڪامارو شريف ۾ پير نور محمد شاھ جي فرزند پير امير علي شاھ سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالھ ٻول ڪندي سيد مراد علي شاھ جو چوڻ هو ته  پي ڊي ايم ۾ ڪي به  اختلاف ناھن، ھن چيو ته  مچ  واقعي تي ڇا ڳالھايان ،  بلوچستان حڪومت طرفان ڪليئرنس  ملڻ کانپوءِ ڪوئيٽا پھتاسين،  اتي حالتون ڏسي بلال روئي  پيو  ، ھن چيو ته  کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته  وزير اعظم جي شرط رکڻ جو ڪھڙو منطق ھو،  ھن کي متاثرين وٽ پھرين ڏينھن  وڃڻ کپندو ھو،  سيد مراد علي شاھ چيو ته  پي ڊي ايم جي اڳواڻن جي راهه الڳ الڳ ٿي سگھي ٿي پر فيصلو گڏيل هوندو.

ان موقعي تي ناصر شاھ ، پ پ ايم اين اي  ذولفقار ستار بچاڻي، ستار بچاڻي،  پ پ ايم پي اي سيد ضيا عباس شاهه،  امداد پتافي ۽ ٻِيا به موجود هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.