بلوچستان ۾ دهشتگردي پويان ڀارت آهي: وزيراعظم

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي پويان ڀارت آهي، هزارا برادري جي سيڪيورٽي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون.

ڪوئيٽا ۾ ڊجيٽل ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هزارا شيعا ڪميونٽي جو قتل افسوسناڪ آهي، انهن سان ٿيندڙ ظلم تي ڏُک ۽ افسوس آهي، ڪجهه دهشتگردن گروهن ۽ داعش جو اتحاد ٿي چڪو آهي، داعش کي ڀارت جي سپورٽ حاصل آهي.

ان موقعي تي وزيراعظم اپوزيشن تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪرپٽ ٽولي کي اين آر او ڏيان ته زندگي آسان ٿي ويندي، مان اين آر او نه ڏيڻ جي ڏکئي رستي جي چونڊ ڪئي آهي، مشرف انهن ٻنهي پارٽين کان بهتر هو پر هن اين آر او ڏئي غلط ڪيو، مان مشرف جي اين آر اوز جي مخالفت ڪئي.

هن چيو ته ملڪ هيٺين طبقي جي ڪرپشن نه پر حڪومت ۽ حڪمرانن جي ڪرپشن سان تباهه ٿيندا آهن، پي ڊي ايم چورن ۽ ڦورن جو ٽولو آهي، هيءَ فيصلائتي جنگ آهي ۽ مان فيصلو ڪيو آهي ته انهن سامهون گوڏا نه کوڙيندس.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان انهن جي ڪري ئي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ آيو، انهن ملڪ کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ چاهيو، ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي مون کي بليڪ ميل ڪيو ويو، لکت ۾ اين آر او گهريو ويو، اڄ آصف زرداري ۽ نواز شريف گڏجي چڪا آهن، اڳ ۾ ئي خبر هئي ته اهي گڏجي ويندا، انهن جي ڪرپشن تي ته ڪيتريون ئي ڊاڪيومينٽريون ٺهي چڪيون آهن ۽ سڄي دنيا ۾ انهن جي ڪرپشن جي هاڪَ آهي.

وزيراعظم چيو ته يقين رکو فوج خلاف ڳالهائيندڙن جو علاج ٿيندو، ادارن تي حملا ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين، اهي فوج کي چئي رهيا آهن ته چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، نواز شريف ٻاهر ويهي فوج خلاف بغاوت ڪرائڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن جمهوري دور ۾ اهڙي طريقي سان ادارن کي بدنام ڪيو پيو وڃي، اڳ ۾ مارشل لا ۾ فوجي قيادت تي تنقيد ٿيندي هئي پر جمهوري دور ۾ فوجي قيادت کي ڇو نشانو بڻايو پيو وڃي؟ اهي پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ ادارن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.