اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برطانيا کي پاڪستاني برآمدون تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 1 ارب ڊالرن کان وڌي ويون.
واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته جولاءِ کان ڊسمبر تائين برطانيا کي پاڪستاني برآمدن ۾ 21 سيڪڙو واڌ ٿي، گذريل مالي سال ان ئي عرصي ۾ 85 ڪروڙ ڊالرن جون پاڪستاني برآمدون هيون.
سندس موجب ڊسمبر 2020 ۾ برطانيا کي پاڪستاني برآمدن ۾ 47 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ برطانيا کي پاڪستاني برآمدون 18 ڪروڙ 90 لک ڊالرن جون ٿيون، ان جي ڀيٽ ۾ ڊسمبر 2019 ۾ برطانيا کي برآمدن جو ڪاٿو 12 ڪروڙ 90 لک ڊالر هو.
هن برآمدن ۾ واڌ تي برآمد ڪندڙن کي مبارڪون ڏنيون ۽ واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو.