نيب چيئرمين کي سوالن جي جوابن لاءِ گهرايو آهي: سليم مانڊوي والا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نيب تي سينيٽ اجلاس گهرايو ويو آهي.

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سليم مانڊوي والا چيو ته نيب چيئرمين کي سوالن جي جوابن لاءِ گهرايو آهي، نيب چيئرمين اڳ ۾ به اچي چڪو آهي، اڳ ۾ ماڻهو پوليس جي دانهن ڪندا هئا هاڻ نيب جي ٿا ڪن، نيب جو مينڊيٽ عوام جي پئسي جي ڪرپشن سان آهي، نيب مينڊيٽ نجي ڪاروباري معاملن ۾ ناهي.

هن چيو ته سموريون سياسي جماعتون چاهين ٿيون ته پاڪستان معاشي طور اڳتي وڌي، سڀ چاهين ٿا ته پاڪستان جون معاشي حالتون بهتر ٿين، ڀرپور تياري سان ميثاق معيشت آندو و ڃي.

سندس چوڻ هو ته ڪاروباري ماڻهن جا ڪيس فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري حوالي ڪيا وڃن، ايف پي سي سي آءِ نيب کان نه ڊڄي، ڪمزوري نه ڏيکاري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.