کنڊ جو اگهه وري ”سينچري“ جي ويجهو پهچي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن کنڊ اگهن جي معاملي تي وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو.

پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي حڪمن تي ڪرشنگ 30 نومبر کان 15، 20 ڏينهن اڳ شروع ڪئي وئي، ڪمند جي ريڪوري انتهائي گهٽ رهي ۽ ملڪ تقريبن 3 لک ٽن کنڊ کان محروم ٿيو.

خط ۾ چيو ويو آهي حڪومت خاطري ڪرائي هئي ته مڊل مين کي مداخلت جي اجازت نه هوندي، چيو ويو هو ته 200 رپيا في مڻ ڪمند جي قيمت يقيني بڻائي ويندي پر سڀني صوبن جا ڪين ڪمشنر مڊل مين جو ڪردار ختم ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام رهيا.

خط موجب ڪمند جي في مڻ قيمت 270 کان 300 رپين تائين پهچي چڪي آهي، عوام کي کنڊ 75 رپيا في ڪلو جي مناسب اگهه تي ملي پر کنڊ جي قيمت هڪ ڀيرو ٻيهر 100 رپيا ڪلو کان مٿي وڃڻ جو خدشو آهي.

خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته چاهيون ٿا کنڊ جو اگهه هيٺ اچي، وزيراعظم شگر ملز کي ڪمند جي حڪومتي مقرر ڪيل قيمت تي فراهمي يقيني بڻائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.