سڳيون ڀرسان واپاري جي گهر ۾ ڌاڙي ۽ نوجوان جي اغوا جي ڪوشش خلاف احتجاج

سڳيون ڀرسان ميرڪ شهر جي مشهور  جنس جي واپاري سيٺ جبير احمد ڪوري جي گهر تي 9 هٿيار بندن ڪاھ  ڪري گهر ڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 15 لکن جي ماليت  جو ڌاڙو هنيو  ۽ سندس نوجوان پٽ اظهار علي ڪوري کي اغوا ڪري ھڪ ڪلوميٽر پري ڇڏي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.واقعي خلاف احتجاج ڪندي جبير احمد ڪوري، جنسار علي ڪوري ،ارباب علي ڪوري اظهار علي ڪوري ۽ٻين جو چوڻ هو ته  سڳيون ۽ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بد امني عروج تي آهي ، ڏوهاري علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل آهن جنهن سبب علائقي واسي راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور آهن،

هنن وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نااهل سڳيون چوڪي انچارج کي فوري طور هٽائي لڳل ڌاڙي جي ماليت واپس ڪرائي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.