ميرپورخاص: ارباب رحيم ننڍي چونڊ ۾ حمايت حاصل ڪرڻ ايم ڪيو ايم اڳواڻن وٽ پهتو

سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ عمرڪوٽ جي پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ لاءِ  جي ڊي اي جو حمايت يافته اميدوار ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ايم ڪيو ايم جي حمايت حاصل ڪرڻ لاء ميرپورخاص جي متحده زونل آفيس پهچي ويو،  جتي هن  ايم ڪيو ايم جي پاڪستان ميمبر ڪاميٽي جي اڳواڻ  سهيل مشھدي، ڊاڪٽر ظفر ڪمالي سليم رزاق،  نگران ضلعي انچارج خوشي محمد سميت ٻين سان ملاقات ڪئي ،  ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر ظفر ڪمالي  ضلعي انچارج خوشي محمد آفاق احمد سندس پي ايس 52 ضمني چونڊ حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته پ۔پ۔پ۔جو دور بينظير ڀٽو ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوء ختم ٿي ويو ،هاڻي پ پ پ جو ڪوبه وجود نه رهيو آھي موجوده پ پ پ صرف عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏئي ووٽ حاصل ڪيا

ان موقعي تي ساڻس گڏ اي ڊي لاکو، زاهد نون۽ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ پڻ موجود هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.