موري ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران سنڌ جي نالي واري برک ڏاھي اديب ڪھاڻيڪار ۽ دانشور رسول بخش درس، پارس حميد، محمد امين مگسي ،جي ياد ۾ بائي پاس ٽائون ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ کين ڀرپور لفظن جي ڀيٽا ڪئي، وئي ، تعزيتي ميڙاڪي جي شروعات لطيف سائين جي بيتن سان ڪئي وئي، ميڙاڪي ۾ اديبن گل مورو، گدا خاصخيلي، ھاشم کوسو، امداد سولنگي، خادم بالادي، سجاد ظھير، ۽ ٻين شرڪت ڪئي،ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته رسول بخش درس،پارس حميد،امين مگسي،سنڌ جا گھڻي رخي شخصيتن جا مالڪ رھيا ،۽ سنڌ جا قومي ھيروز ھئا،ھنن پنھنجي لکڻين ، ادب ۽ شاعري ۾ سنڌ کي سمايو هو ،
ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته سنڌي قوم کي پنهنجي هيروز کي سڃاڻڻ گهرجي ۽ اسان کي پنهنجي هيروز جو قدر ڪرڻ گهرجي