سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور ڀرسان ڳوٺ عبدالوهاب جوکيو ڳوٺ ۾ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي ، ان موقعي سگھڙن ارباب الهبچايو کوسو ،محمد حسين جوڻيجو ،عيسي جماري ،محمد حسين کوسو ،هوت خان ڪلمتي سميت ٻين سگهڙن، شاعرن ڳجارتون ڏور بيت ۽ شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ جا بيت ۽ وايون ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي ، مشهور فنڪارن قومي گيت ڳائي محفل ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو، مچ ڪچهري ۾ آيل ماڻهن جو چوڻ هو ته انهن کي پنهجي ڌرتي سان محبت آهي ، ڇاڪاڻ ته قومن جي سڃاڻپ ثقافت سان ٿيندي آهي، اھڙن پروگرامن سان ماڻھن ۾ وڌيڪ شعور پيدا ٿيندو آهي،
هنن چيو ته ههڙي پوئتي پيل علائقي ۾ ثقافتي پروگرام ڪرائڻ تي دوست جس لهن، ڪچهري ۾ علائقي واسين سميت ڪيترائي ڳوٺاڻا شريڪ هئا