ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 40 فوت، 2007 نوان ڪيس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 40 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 هزار کان مٿي نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 مريضن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ هيل تائين وبا جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 10 هزار 568 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 2007 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، ائين متاثرن جو گڏيل انگ 4 لک 99 هزار 517 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن موجب صحتياب ٿيندڙ جو ڪُل انگ 4 لک 55 هزار 445 آهي ۽ فعال ڪيسن جو انگ 33 هزار 474 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.