مچ سانحي ۾ شهيدن جا مڙهه جنازي نماز کانپوءِ مٽيءَ ماءُ حوالي

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) مچ سانحي ۾ شهيد مزدورن جي جنازي نماز پڙهڻ کانپوءِ سندن مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.

ڪوئيٽا جي هزارا ٽائون قبرستان ۾ مزدورن جي جنازي نماز علامه راجا ناصر عباس پڙهائي، جنهن ۾ شهيدن جي وارثن، علائقي واسين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز ۾ وفاقي وزير علي زيدي، خاص مددگار ذلفي بخاري، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، صوبائي گهرو وزير ضياءُ لانگو، ٻيا صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ سماجي اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا.

جنازي نماز کانپوءِ شهيدن جا مڙهه هزارا ٽائون قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.

واضح رهي ته 3 جنوري تي بلوچستان جي علائقي مچ ۾ 11 مزدورن کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ انهن جا مڙهه رکي ڪوئيٽا ۾ ڌرڻو هنيو ويو ۽ وزيراعظم جي اچڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.

سانحي خلاف ڪوئيٽا سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويا ۽ گذريل رات حڪومتي ٽيم خاطري تي شهيدن جي وارثن مڙهه دفنائڻ تي راضپو ڏيکاريو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.