ميرپور ماٿيلو : اڻ ڄاتل چور شادي واري گهر مان 25 لک روپين جي چوري ڪري فرار

ميرپور ماٿيلو ۾ اڻ ڄاتل چور شادي واري گهر مان 25 لک روپين جي چوري ڪري فرار ٿي ويا ،  چور گهر جا تالا ٽوڙي گهر ۾ پيل روڪ رقم، سونا زيور، سميت قيمتي سان کڻي ويا، گهرڌڻي پنهنجي ڀاءُ جي شادي ڪرائڻ لاءِ ڄڃ سان گڏ شڪارپور ويل هئا ، نامعلوم چور گهر مان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي  ڪامريڊ ڪڪو رام جو چوڻ هو ته ڄڃ وارو هي گهر پوليس ٿاڻي کان ڪجهه مفاصلي تي آهي ان باوجود چور آساني سان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن

هن  ايس ايس پي گهوٽڪي ۽  ايس ايڇ ميرپور مطالبو ڪيو ته فوري طور تي چوري ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.