نصير آباد ۾ پرائمري ماستري لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙن جو احتجاج

نصيرآباد (ن ع آ) سال 2009 ۾سنڌ يونيورسٽي پاران پرائمري اسڪول ٽيچر لاء ورتل لکت ٽيسٽ ۾ گھربل مارڪن کان بـ مٿي مارڪون کڻي پاس ٿيندڙ اميدوارن زاھد ڦلپوٽو فيض سومرو سليمان ڪانڌڙو ۽ ٻين اميدوارن پاران آفر آرڊر جي نعرن سان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو تعلقا پريس ڪلب پھچي تعليم کاتي جي ان وقت جي ڪرپٽ ڪامورن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪندا رھيا ان موقعي تي دانھيندي مٿين اميدوارن چيو تـ اسان سالن کان سرپا احتجاج بڻيل آھيون پر ان جي باوجود حڪمرانن جي ڪن تي جونء بـ نٿي چري ھنن چيو تـ سال 2009 ۾ ورتل لکت ٽيسٽ ۾ اسان سڀني 60 سيڪڙو کان بـ مٿي مارڪون کڻي ٽيسٽ پاس ڪئي ھئي پر ان وقت جي ڪرپٽ ڪامورن ميرٽ جي مڪمل لتاڙ ڪندي لکين روپين عيوض اسان جون سيٽون ناپاس ٿيندڙن سميت انھن کي ڏنائون جيڪي ٽيسٽ ۾ بـ نـ ويٺا ھيا اسان ظلم ڪيو ويو دانھن باجود ڪير بـ تدارڪ ڪرڻ لاء تيار نـ آھي ھن وقت تائين اسان سراپا احتجاج آھيون پر پوء بـ اسان کي آفر آرڊر جاري نٿا ڪن ھنن چيو تـ اسان کي آفر آرڊر جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.