ميرپورساڪرو ۾تعليم بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ريلي

ميرپور ساڪرو ( رپورٽ عبدالرزاق ڪلمتي ) 8 جنوري سنڌ جي تعليمي ڏينهن تي سماجي تنظيم ينگ سوشل نيٽورڪ پاران ليٽ اسٽاپ تي ريلي ڪڍي وئي انهيَ موقعي تي ينگ سوشل نيٽورڪ ميرپور ساڪري جي اڳواڻن عبدالرزاق ڪلمتي قادر موليپوٽو  علم دين رند سماجي اڳواڻ نبيل رند پھنل لانگاھ ۽ ٻين چيو آهي ته تعلقي ساڪري ۾ ڪيترائي اسڪول بند آهن جنهن جي ڪري تعليم متاثر ٿي رهي آهي ھنن چيو ته نوان استاد ڀرتي نه ٿيڻ ڪري پڻ استادن جي کوٽ پيدا ٿي آهي ھنن چيو ڪافي سرڪاري اسڪولن جي عمارتن جي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مرمت نه ٿيڻ ڪري پڻ اسڪول زبون حالي جو شڪار آهن ھنن چيو ته تعليم  ھڪ خاموش ھٿيار آهي جنهن سان ئي جنگ وڙھي سگهجي ٿي ھنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته سمورن تعليم سان لاڳاپيل مسئلا فوري حل ڪيا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.