ڏيپلي ۾ استاد عمر بجير سان قومي ڪچهري

ڏيپلو (رپورٽ:دليپ ساگر ) ڏيپلو سياري جي سرد شام ۽ تعليم جي ڏهاڙي 8 جنوري تي ٿر جي تعليمي ماهر استاد سياسي سماجي ڪارڪن سائين عمر بجير سان قومي ڪچهري ڏيپلو شهر ۾ رکي وئي آهي جنهن ۾ مختلف استاد ۽ شاگرد سائين کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي پروگرام ۾ خاڪا ٽيبلا گيت سنگيت پڻ پيش ڪيا ويا عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلداري لغاري لال جروار ب خطاب ڪيو سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري خطاب ڪندي چيو ت سائين عمر بجير انسان دوست ماڻھو آھي ھن ھميشا غريب مسڪينن شاگردن کي تعليم جھڙو شعور ڏنو اڄ جي دور ۾ اھڙن استادن جي قوم کي ضرورت آھي سائينداد ھنگورجو خطاب ڪندي چيو ت اھڙا عظيم ماڻھو تاريخ ۾ پيدا ٿيندا آھن سائين عمر بجير خوش نصيب استاد آھي جنھن کي حياتي ۾ مڃتا ملي آھي اوڀايو جوڻيجو لال بجير لال جروار ديال صحرائي وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.