سچل ڳوٺ ۾ حنيف سومري جي سالگره تقريب

گلشن اقبال (ن ع آ ) سياسي ۽ سماجي اڳواڻ محمد حنيف سومري جي سالگره تقريب  سچل ڳوٺ ۾ ڪوٺائي وئي  ان موقعي تي پ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر تاج محمد وساڻ، حسين بخش ناريجو، سگا سچل ڳوٺ شاخ جي جنرل سيڪريٽري محمد سليمان وساڻ، عبدالڪريم چانڊيو، ڪرم الاهي چنا، گسٽا ضلع اوڀر ڪراچي جي صدر محمد سليمان آگرو، پ پ جي رحيم گبول، حاجي علي حسن سومرو، علي رضا گبول، ابراهيم ڀٽو، غلام سرور جوکيو، نواز سانگي، الھداد گوپانگ، رضا ابڙو،  ابرار ميمڻ، رجب لاشاري، وحيد کهڙو، عزيز چانڊيو، صحافي غوث ٻگهيو، عبدالحمید جويو، سيد حزب ﷲ شاہ، فرحان سومرو، امداد ڏهر، لياقت بليدي، آزاد وساڻ، مزمل سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي دوستن محمد حنيف کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي سندس، سياسي ۽ سماجي ڪمن جو جائزو پيش ڪندي کيس ارپنا پيش ڪئي. پ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر تاج محمد وساڻ چيو تہ محمد حنيف سومرو هڪ قابل، ذهين، بردبار ۽ ملنسار ماڻھو آھي. ھن ويجهي ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي ۾ سرگرم ٿي ڪم ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ سماجي ڪمن ۾ پڻ پاڻ ملھايو آهي. مقريرن چيو تہ محمد حنيف سومرو پنھنجي والد جي نقش قدم تي هلندي علائقي واسين ۾ خدمتون ڪندي پنھنجو پاڻ مڃايو آهي. محمد حنيف سومري آيل سڀني مهربان دوستن جا ٿورا مڃيا جن کيس محبتون ۽ عزتون ڏنيون. پروگرام جي ڪاروائي محمد سليمان وساڻ هلائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.