چمبڙ گندگي جي ور، شهري عذاب هيٺ، احتجاجي مظاهرو

چمبڙ (ن ع آ) چمبڙ ٽائون ڪميٽي چمبڙ جي لاپرواهي سبب سڄو شهر گندگي جي ور چڙهيل شهر جي مختلف علائقن توڙي ڪالونين ۾ گندگي جا ڍير لڳل سينيٽري ورڪرن جون پگهارون نه ٿيڻ تي ورڪرن جو ٽائون ڪميٽي چمبڙ جي مخ گيٽ سامهون احتجاجي مظاهرو ڌاھون  ڪم ڇڏ هڙتال  رپورٽ موجب چمبڙ ٽائون ڪميٽي چمبڙ جي ڪانٽريڪٽ سينٽري ملازمن جون گذريل 4 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ۽ پڪي سينٽري ملازمن جون گذريل ڊسمبر مهيني جون پگهارون نه ملڻ تي سينٽري ورڪرن جو چيف سينيٽري انسپڪٽر شوڪت سومرو ۽ انسپيڪٽر غلام رسول لغاري جي اڳواڻي م ٽائون ڪميٽي چمبڙ جي مخ گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪم ڇڏ هڙتال ھن موقعي تي سينيٽري ورڪرن ڌانهيندي چيو ته ڪانٽريڪٽ سينٽري ورڪرن کي گذريل 4 مهينن کان پگهارون نه ڏنيون ويون آهن ۽ پڪي ملازمن جون ڊسمبر مهيني جي پگهار به نه جاري ڪئي ويئي آهي اسان احتجاجن ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون ٽائون انتظاميا 25 ڪانٽريڪٽ ملازمن کي جبري طور ڪڊي ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان ڦاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون اسان گھرن جي مسواڙن توڙي سيڌي سامان واري دوڪانن جا پڻ ڪرزي ٿي چڪا آهيون سموري شهر جي صفائي لاءِ صرف 14 سوئيپر ڪم ڪري رهيا آهيون اسان کي ٽائون آفيسر ۽ اي سي ايڊمنسٽريٽر پگهارون ڏيڻ جا ٺلا آسرا ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ٻئي پاسي ٽائون ڪميٽي چمبڙ مان پگهارون کڻندڙ 39 سينٽري ورڪرن مان صرف 14 ورڪر شهر جي صفائي سٿرائي لا۽ ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته پگهارون کڻدڙ 25 سينيٽري ورڪرن مان ڪجهه ورڪر مختلف ھائوسن جي صفائي سٿرائي لاءِ مقرر ڪيل آهن ۽ ڪجھ ورڪر سياسي آشرواد سان گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن سينيٽري ورڪرن تڪ جي چونڊيل نمائندن ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالھيار آسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ کان مطالبو ڪندي چيو ته جلد کان جلد اسان جون پگهارون جاري ڪيون وڃن ۽ گڊيل 25 ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ٻيهر ڪانٽريڪٽ تي رکيو وڃي ٻي صورت م اسان روڊن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿينداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.