فريد آباد ۾ ايم سي ايڇ سينٽر جي ڊاڪٽر ياڻي خلاف احتجاج

فريدآباد  ( ن  ع آ  ) فريدآباد  ۾ ايم سي ايڇ سينٽر جي ظلم ۽ زيادتين جي خلاف  ڳوٺ مٿين اکڪڍائي جي رھواسين غلام شبير ڪرٽيو، ذولفقار ڪرٽيو، پير محمد ڏيرو، ميهر علي ڏيرو، فرمان علي ڏيرو عبدالرزاق ڏيرو مظهر ڏيرو شاهنواز ۽ معصوم ٻارڙن پراڻي بس اسٽاپ تي 63 ڏينهن به علامتي بک ھڙتال تي ويھي  ايم سي ايڇ سينٽر جي انچارج ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي کي ھٽايو ،  اسان سان اـصاف ڪيو جا زوردار نعرا ھنيا ويا ان موقعي تي مظاھرين چيو ته ايم سي ايم جي انچارج جي ڊاڪٽرياڻي فرهانا شاھ خلاف علامتي بک ھڙتال ڪندي مھينو کان مٿي عرصو ويو آھي پر ڊاڪٽرياڻي خلاف صحت کاتي جو ڪو بـ آفيسر ايڪشن کڻن لاءِ تيار ناھي  آفيسر بـ ساڻس سان ٻٽ بڻيل آھن ملسل احتجاج ھجڻ باوجود هن محل تائين معصوم نياڻين تي ڪنھن کي بـ  رحم نٿو اچي ھنن صحت جي صوبائي وزير عذران پيچوھو  ڊي جي ھيلٿ ڊي ايڇ او دادو ـ ڊي سي دادو کان مطالبو ڪيو ته فريدآباد  ۾ ايم سي ايڇ سينٽر جي انچارج ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي کي فوري طور ھٽائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.