ڪي اين شاهه ۾ ملاحن جو فشريز کاتي جي ناانصافين خلاف احتجاج

خيرپورناٿن شاهه ( ن ع آ  ) خيرپورناٿن شاهه ۾ فشريز کاتي جي ناانصافين زيادتين خلاف ملاح برادري جي ماڻھن جو پندرهين   ڏينهن به منٺار ملاح، يوسف ملاح، منظور ملاح، غلام شبير ملاح، يعقوب ملاح، روشن ملاح، قاسم ملاح، ارباب ملاح جي اڳواڻي ۾ ايم آر ڊي جي شھيدن جي چونڪ کان ڪميونٽي سينٽر تائين احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي فشريز کاتي دادو جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪندا مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان بعد مظاهرين ڪميونٽي سينٽر اڳيان علامتي بک تي معصوم ٻارڙن سان گڏ ويهي نعريبازي ڪئي، ڪرپٽ ڪامورا هٽايو ملاحن سان انصاف ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ملاح برادري جي ماڻھن صحافين اڳيان دانهيو ته فشريز کاتي دادو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسان ملاحن کي ڍورو شام ڍنڍ جو لائسنس رينيو ڪري ڏيڻ لاءِ تيار ناهن هنن دانهيو ته فشريز کاتي جا ڪامورا احتجاج ڪرڻ تي ڌمڪائي رهيا آھن ڳوٺ ڌڻي بخش ٻگهيو جو بااثر وڏيرو اسان جي لائسنس رينيو ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آھي، ٻه سئو  کان وڌيڪ خاندان بيروزگار ٿي ويا آھن، ڪير به نوٽيس وٺڻ وارو ناهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.