رونتي ڀرسان ربي واهه مٿان جوڙيل پل ۾ ڏار پئجي ويا

رونتي (ن ع آ)رونتي ڀرسان ڳوٺ نينڍو لانگهي ۾ سماجي تنظيم طرفان ڳوٺاڻن کي سهولت ڏيڻ لاءِ ربي واهه مٿان 50 لک رپين جي لاڳت سان پل جوڙي وئي آهي سماجي تنظيم طرفان پل جو ٺيڪو پنجاب جي ٺيڪيدار حوالي ڪيو ويو هو جنهن پل ۾ ناقص مٽريل اسعتمال ڪيو جنهن سبب پل ۾ جڳھه جڳھه تان ڏر پئجي ويا آهن. ان حوالي سان ڳوٺاڻن علي حسن ڌنڌو، خادم حسين ۽ محمد هاشم سميت ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سماجي تنظيم اسان جي ڳوٺ کي سهولت ڏيڻ لاءِ 50 لک رپين جي اسڪيم ڏني آهي جنهن جو ٺيڪو پنجاب جي ٺيڪيدار حوالي ڪيل هو جنهن پل ۾ ناقس مٽيريل استعمال ڪيو جنهن سبب پل 3 ميهنن ۾ ئي هندن هندن ڏار پئجي ويا آهن.هن ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته لکين رپين سان جوڙيل پل ۾ ناقص مٽريل جي استعمال جو ڊي سي گهوٽڪي انڪوائري ڪرائي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.