گهوٽڪي فيڊر سميت واهن ۽ شاخن تان قبضا ختم ڪرائڻ جون لسٽون تيار

پنوعاقل (ن ع آ) سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم تي آبپاشي کاتي طرفان گھوٽڪي فيڊر سميت ننڍن وڏن واھن مينرون شاخن ڪڙين تان ڪيل قبضا ختم ڪرائڻ جون لسٽيون تيار، عدالتي حڪم تي جلد قبضو ڪيل اڏاوتون ڊاھي سرڪاري زمينا قبضي ھيٺ آنديون وينديون. اھڙو اظھار ايس ڊي او پنوعاقل انور علي سومرو پنھنجي اسٽاپ جي سرويرن، داروگن، آبدارن ۽ ٻين ملازمن عبدالحفيظ سمائر، سليم بلو، مشتاق چاچڙ، ڄام بلو، ڪمال پنھيار، مشتاق ڪلھوڙو، ذوالفقار ڪلھوڙو ۽ ٻين جي موجودگي ۾ ڪيو. ھن چيو ته تازو سپريم ڪورٽ توڙي ھاءِ ڪورٽ پاران آبپاشي جي واھن پلاٽن ڀڏن ڪڙين لاڙ ڍنڌ توڙي ٻين سرڪاري ملڪيتون علي بحر واھ، ڪمال واھه، گھوٽڪي فيڊر، بائيجي مئينر، مھيسرو واھه، خيراج مئينر، نوراجا مئينر، قاضي واھه، جانب واھه توڙي مھراڻ اسڪول جي چئوطرف نيشنل بئينڪ کان نڪرندڙ واھ جيڪي ڊاھي پٽ ڪرڻ کانپوءِ قبضو ڪيل فوري طور قبضا ھٽائي سرڪار جي حوالي ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.