جوهي ۾ ڳوٺاڻن جو او پي پي ايل گئس ڪمپني جي انتظاميا خلاف احتجاج

جوهي ( رپورٽ : ايم اسماعيل پيرزادو ) جوهي لڳ ڇنڊڻ موري ڀرسان  او پي پي ايل تيل ۽ گئس ڪمپني جي ڪرپٽ انتظاميه خلاف  ڪمپني جو اسڪرپ ڪٻاڙي جو ٺيڪو ايجنٽن من پسند ڪميشن تي ڏيڻ ۽ مقامي ڳوٺاڻن کي نظر انداز ڪرڻ تي ڪمپني جي انتظاميه خلاف  15کان وڌيڪ ڳوٺن جي رهواسين غلام حسين پنهور، قربان پنهور ، وقار پنهور، جبار، منظور کوسو مولوي غلام حسين، شاھ نواز گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھڪ ڪلو ميٽر پيادل احتجاجي لانگ مارچ ڪندي ڪمپني جي انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪندي او پي پي ايل ڪمپني جي مک گيٽ اڳيان مڇريل ڳوٺاڻن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب چئن ڪلاڪن تائين رستو مڪمل بند رهيو هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺاڻن علامتي بک هڙتال به  جاري رکي ان موقع تي متاثرين ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي ته پرائيويٽ ڪمپني اسان ڳوٺاڻن سان ڪيل واعدن موجب ته ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو  نه ئي متاثرين ڳوٺن اندر ڪابه  انساني بنيادي  سهولتون ڏنيون آھن ڪمپني ۾ ويٺل سڻڀين پوسٽن تي غير واسطيدار ماڻهن ڪمپني مان ساليانو ناڪارهه لوهه وغير  مقامي ڳوٺاڻن ڏيڻ بجاءِ من پسندن ذات پرستي جي بنيادن تي فرضي نالن تي ٺيڪيدار ڄاڻائي ويجهن رشتيدارن کي لکين رپين جي بڊ ڪوڙا اشتهار ڏياري رات جي پيٽ ۾ پوليس جي اڳواڻي ۾  اهو سڄو مٽيريل سنڌ بجاءِ ٻئي صوبي ۾ وڪرو ڪري اسان سان زيادتي ڪئي پئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.