نوابشاهه (ڊ ر) سجاڳ سنڌي اتحاد پاران سنڌ ۾ تعليم جي ٻٽي معيار خلاف نوجوان راڳي ڪامران چانڊيو، وحيد کوسو، آذان پيرزادو، عباس چانڊيو، اصغر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار ختم ٿي چڪو آھي، جڏھن ته ھن وقت سنڌ ۾ تعليم جو ٻٽو معيار ھلي ٿو، سرڪاري اسڪول ۾ سھولتن جي کوٽ سبب والدين پنھنجا ٻار مھانگين فيسن تي خانگي اسڪولن ۾ داخل ڪرائن ٿا، ھنن چيو ته تعليم جو وزير پنھنجا ٻار خانگي اسڪولن ۾ پڙهائي ٿو ڇو ته ان خبر آھي ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بھتر نه آھي، ھنن چيو ته جيڪڏهن سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بھتر ڪيو وڃي ته خانگي اسڪولن جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري سگھن ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو نظام بھتر ڪيو وڃي ته جئين غريبن جا ٻار تعليم حاصل ڪري سگھن