سوڀوديرو ۾ سهولتن جي کوٽ، چونڊيل نمائندا گم، شهرين جو احتجاج

سوڀوديرو ( رپورٽ: اورنگزيب پيرزادو ) سوڀوديرو جو قديمي ڳوٺ خليفا بنيادي سھولتن کان محروم ڳوٺ جي رھواسين مظفر علي گلال، جاويد منگي، راھب حسين منگي،  محمد عرس ناريجو، لياقت علي منگي ۽ ٻين ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان جو ڳوٺ بنيادي سھولت کان محروم بڻيل آھي، ڳوٺ ۾ ڪابه سھولت موجود نه آھي، چونڊيل نمائيندا ووٽ وٺي گم ٿي وڃن ٿا بعد ۾ ڳوٺاڻن جي ڪابه سار لھڻ ڪونه اچن ٿا ڳوٺ ۾ سرڪاري اسڪول پندرھن سالن کان بند پيل آھي، ڪابه مالڪي اڃا تائين نه ٿي سگهي آھي ڳوٺاڻن جا معصوم ٻار پڙھائي لاءِ ڪافي پري پنڌ ڪري وڃن ٿا جتي پھچڻ ۾ ٻارن کي ڪافي تڪيلف پيش اچي ٿي ۽ ڳوٺ ۾ گئس جا پائيپ ڏھن سالن کان وٺي پٽ تي پيا آھن ڪائي مالڪي نه ٿي ڪئي وڃي، ڳوٺ ۾ روڊ ۽ ناليون نه ھجڻ جي ڪري تمام گھڻي گندگي پکڙجي  وئي آھي، مسجد ڏانهن نماز لاءِ ويندڙ ماڻھن کي گندي پاڻي مان گذرڻو پوي ٿو ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ کي بنيادي سھولتون مھيا ڪيو وڃن ٻي صورت ۾ پريس ڪلب جو رخ ڪري احتجاجي مظاھرا ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.