ڳوٺ اوڏاڻي ۽ ڦانگاريو جي رهواسين جو سخت احتجاج

ڇاڇرو (رپورٽ:يعقوب بجير ) ڇاڇرو جي ڳوٺ اوڏاڻي۽ ڦانگارايو جي رهواسين جو  ٽي  اي او  ايجوڪيشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، ڳوٺاڻن محمد امين ڏوهٽ،ذڪا ﷲ ،عرفان علي،سبحان،مير محمد،انور علي ۽ ٻين تعلقه ايجوڪيشن  افيسر ڇاڇرو ارباب علي عمراڻي خلاف سندس جي آفيس  اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو  رهواسين  الزام ھڻندي چيو ته ڳوٺ اوڏاڻي جا ٽي استاد فوت ٿي ويا آهن ۽ خالي پوسٽون آهن فوتي ڪوٽا ۾ هنن جي پٽن کي پوسٽون لکي نٿو ڏي ٻه سال کان آفيس جا چڪر لڳائي رهيا آهيون ٽي اي او ڇاڇرو ٽي  لک روپيا رشوت گهري رهيو آهي اسان غريبن سان ظلم آهي ٽي او آفيس ڇاڇرو ۾ سري عام رشوت هلي رهي هر جائز ڪم بنا رشوت جي نٿو ٿئي،بااثر ٽي او جو ويجهو رشتيدار سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ آفيسر آهي جنهن جي ڪري سالن کان ڇاڇرو ۾ مقرر ٿيل آهي اسان چونڊيل نمائندن سميت سڀني وٽ ويا سون پر ڪير نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن جو چوڻ هو ته  اعلي اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي ڪرپٽ ٽي او تعليم ڇاڇرو خلاف انڪوائري ڪري گذريل پنج سالن ۾ ڪيل ڪرپشن جي جانچ  ڪري قانوني ڪارروائي اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.