بڪيرا شريف ۾ نوجوانن جي تعليمي جاڳرتا ريلي

بڪيراشريف  )ن ع آ) بڪيراشريف ۾ 8 جنوري سنڌ جي تعليمي ڏيهاڙي جي حوالي سان ڳوٺ الله جروار ڳوٺ صاحب خان جروار ڳوٺ علي بخش جروار جي نوجوانن عبدالستار جروار، راجا خان، اڪرم، ايڊوڪيٽ عزيز جروار، ظهير جروار ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ريلي بڪيراشريف شهر جو گشت ڪندي پريس ڪلب تي پهتي، جتي نوجوانن خطاب ڪندي چيو ته تعليم اسان جو هٿيار آهي جيڪو اسان کان ڦرڻ جي پهرين به ڪوششون ڪيون ويون آهن ۽ اڃا به ڪوششون جاري آهن، اسان جي تعليم تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آهي، سنڌ اندر ايس او پيز تحت اسڪول کوليا وڃن هڪ سال اڳ ڪرونا وبا سبب شاگردن جو سال ضايع ٿي چڪو آهي، اسڪول اندر استادن جون نئون ڀرتيون ڪيون وڃن، اسان سنڌ حڪومت ۽ وفاق کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسڪولن کي ايس او پيز تحت کوليا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.