ٿر ۾ گگرال جي ٽڪي ذريعي نسل ڪشي، انتظاميا تماشائي

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ٿر جي سونهن بڻيل قيمتي ۽ خوبصورت وڻ گگرال نشاني تي اچي ويو آهي،اُنهي سلسلي ۾ خاص طور تي مٺي،اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر جي رڻ وارن ڳوٺن ۾ گگرال جي وڻ کي ٽُڪي غيرقانوني طريقي کنئور ڪڍي ڀُڳڙن مُٺ عيوض وڪرو ڪيو پيو وڃي،جنهن سبب گگرال جو قيمتي وڻ تباهي ڪناري پهچڻ سبب گڏ ڏينهون ڏينهن گهٽجي ختم ٿيندو پيو وڃي،گگرال کي ٽُڪي کنئور ڪڍڻ تي پابندي هنيل هجڻ جي باوجود ٻيلو کاتو ٻٽ بڻيل هجڻ ڪري بااثرن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي،جنهن سبب مختلف ڌُريون گگرال کي ٽُڪي ڪاروبار شروع ڪري ڇڏي آهي،گگرال کي ٽُڪي کنئور ڪڍڻ جو ڪاروبار تيز ٿيڻ ڪري قيمتي وڻ ختم ٿي رهيو آهي،مليل رپورٽن موجب ته ٻيلي کاتي سميت ڄاڻايل علائقن جي پوليس به غيرقانوني گگرال جي ڪاروبار جي اجازت ڏيئي منٿليون مقرر ڪري ڇڏيون آهن،جنهن سبب گگرال جو ڪاروبار ڪندڙ بااثر ڌريون سياسي سپورٽ سميت رشوت عيوض سرعام گگرال جو ڪاروبار ڪندي نظر اچن ٿيون،گگرال جو ڪاروبار تيز هجڻ ۽ وڻ کي ٽُڪي کنئور ڪڍڻ سبب وڻ سُڪي ختم ٿي تباھ ٿي رهيو آهي،قيمتي وڻ جي ايڏي وڏي تباهي جي باوجود کاتو مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آهي.

ضلعي انتظاميا وڻن جي واڍي تي پابندي تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام

مٺي:ڪارونجهر جي هنج ۾ موجود قيمتي گگرال جي قيمتي وڻ کي بااثر ڌُريون ٽُڪي انهي مان کونئر ڪڍي سرعام وڪرو ڪري رهيا آهن،انهي سلسلي ٿر جي مختلف شهرن سميت خاص ڪري ڪارونجهر جي هنج ۾ هي وڻ موجود آهي،جنهن سبب ڪارونجهر جي هنج ۾ موجود گگرال جي وڻن کي بااثر ڪيميڪل ذريعي ٽُڪي انهي منجهان کونئر ڪڍي ڪاروبار ڪرڻ ۾ رڌل آهن،هن وقت ڪارونجهر جي هنج ۾ موجود گگرال جو وڻ جيڪو ڏينهون ڏينهن ناياب ٿيندو پيو وڃي،بااثرن پاران ٽُڪو ڏيئي انهي مان نڪرندڙ (رس)کي سڪائي کونئر پيدا ڪري هزارين روپيا مڻ جي حساب سان ملڪ جي مختلف وڏن وڏن شهرن ۾ وڪرو ڪن ٿا،اهڙي حوالي سان ٿر ۾ وڻن جي واڍي سميت گگر جي ڪاروبار تي بندش هجڻ توڙي قلم 144 لاڳو هجڻ باوجود ڪاروبار تيزي سان جاري آهي،بااثر ٺيڪيدار گگرال جي وڻ کي ٽُڪي کونئر ڪڍي انهن جا ڪٽن جا ڪٽا ڀري وڏن شهرن ۾ وڏن هولسيلرن وٽ وڪرو ڪندي نظر اچن ٿا،جنهن جو ڪاروبار مسلسل ڪيترين ئي ورهين کان جاري هجڻ ڪري گگرال جو وڻ خطري ۾ پئجي ويو آهي،جنهن کي مڪمل بچائڻ توڙي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء انتظاميا ڪوبه ڪردار ادا ناهي ڪيو جنهن سبب گگرال جو ڪاروبار ڏينهون ڏينهن تيزي سان جاري هجڻ ڪري ٿر جي سونهن گگر جو وڻ ختم ٿيندو پيو وڃي.

گگر ڏاڍو قيمتي مادو، دوائن سميت مختلف شين ۾ ڪم اچي

مٺي:گگر مان نڪرندڙ کونئر جيڪو دوائن،سمينٽ سميت ٻين شين ۾ ملايو وڃي ٿو،جنهن جو کوئنر مذهبي عبادتگاهن ۾ استعمال ٿئي ٿو،جنهن جي ڌوپ وغيره ڏني وڃي ٿي،اهو کونئر خوشبودار هوندو آهي،جيڪو هندو  مندرن ۾ ڌوپ واش طور استعمال ڪيو ويندو آهي.گگرال جي وڻ سميت ٻين وڻن جي تباهي جاري آهي،جنهن ۾ ڪنڊي، روهيڙي، ڪونڀٽ، کٻڙ،نم توڙي ٻين وڻن جي واڍي پڻ تيزي سان جاري هجڻ ڪري ٻيلن جا ٻيلا تباھ ٿي رهيا آهن،ٿر جي سمورن شهرن جي آرا مشينن تي وڻن سان ڀريل کيکڙا روز لهن ٿا،انهن آرمشينن تي هزارين مڻ ڪاٺ موجود  آهي.

گگرال کي ڪيميڪل ذريعي ٽڪو ڏئي ان جو رس ڪڍيو وڃي ٿو

مٺي:گگر جي وڻ کي ٽُڪي ڪيميڪل ذريعي ان مان کونئر ڪڍيو وڃي ٿو،مقامي ٺيڪيدار في مڻ هڪ هزار ۾ خريد ڪن ٿا،جنهن بعد ٻين ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ في مڻ کان هزارن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو،گگر جو کونئر جيڪو پاڪستان کانسواءِ ٻين ملڪن تائين وڪرو ٿيندو آهي،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته هن جو کونئر بارود ۾ پڻ استعمال ٿئي ٿو،جنهن سبب هي وڏو قيمتي وڻ سڏيو ويندو آهي. جنهن کي ٽُڪي ڪيميڪل هڻي تباھ ڪرڻ جو سلسلو جاري آٰھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.