ڀٽائي آباد واسين جون يوسف بلوچ تي اميدون آهن: نثار حيدر وڳڻ

گلشن اقبال (ن ع آ) ڪراچي جي علائقي پي ايس 88  يوسي 13 ڀٽائي آباد جي سينيئر پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ وڳڻ برادري جي معزز نثار حيدر وڳڻ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ ملڪ کي بلاول ڀٽو زرداري ئي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو، مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي، پورهيت طبقو ويلي لاءِ پريشان آهي. هن ملير تڪ پي ايس 88 تي ٿيندڙ ضمني اليڪشن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صوبائي وزير شهيد مرتضيٰ بلوچ جي فرزند يوسف بلوچ تي اميدون آهن، اڳ به سندس والد ڀرپور ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، سندس فرزند به والد جي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، هن چيو ته علائقي جي ڀلائي لاءِ عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ هولڊر يوسف بلوچ کي ايوان تائين پهچائي. هن ڀٽائي آباد جي مختلف برادري سان پڻ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري مسئلا ٻڌا ۽ تير تي ٺپو هڻڻ تي زور ڀريو. ان موقعي تي هن سان گڏ پ پ جا وڏي انگ ۾ جيالا به موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.