سانگهڙ ضلعي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جو فيصلو

سانگهڙ )ڊ ر) سانگهڙ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت ضلعي اندر وفاقي، صوبائي توڙي ضلعي حڪومت جي ملڪيتن تان حد دخليون هٽائڻ جي لاءِ سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جوائنٽ اينٽي اينڪروچمينٽ سيل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي عدالت جي نگراني ۾ حد دخليون هٽائڻ جي لاءِ ضلعي اندر ميگا آپريشن ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڄ پنهنجي آفيس ۾ وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي حڪومت جي ملڪيتن تان حد دخليون هٽائڻ جي سلسلي ۾ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا سمورن ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي 4 ڏينهن اندر پنهنجي ملڪيتن تي قبضن ۽ حددخلين جا تفصيل سندس آفيس ۾ جمع ڪرائڻ جنهن بعد فوري طور قبضا ختم ڪرائڻ جي لاءِ ميگا آپريشن شروع ڪيو ويندو هن چيو ته آپريشن جي عمل دوران پوليس مقرر ڪئي ويندي جڏهن ته ضرورت پوڻ تي رينجرز کي پڻ طلب ڪيو ويندو هن چيو ته آپريشن دوران ٿيندڙ خرچ لاڳاپيل ادارو ئي برداشت ڪندو جڏهن ته ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته قبضا هٽائڻ دوران ڪنهن سان به ناجائزي ٿيڻ نه گهرجي. هن چيو ته آبپاشي ۽  ٻيلو کاتو هن آپريشن دوران انتهائي اهم آهن جن جي ملڪيتن تي وڌ کان وڌ قبضا آهن ان کان علاوه تعليم، صحت ۽ لوڪل گورنمينٽ جي ملڪيتن تي پڻ قبضا آهن جن جا تفصيل فوري طور سندس آفيس ۾ جمع ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.