لاڙڪاڻي ۾ سني تحريڪ طرفان مزارن جي بندش خلاف ريلي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان سني تحريڪ طرفان سنڌ صوبي جي سمورن مزارن کي ڪورونا وائرس جي ڪري بند ڪرڻ واري عمل خلاف جامع مسجد سادات کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جڏهن ته اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي صوبائي اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي، عبدالرشيد قادري، شمس الدين سروهي، حافظ طارق علي گهانگهرو، عبدالستار، سجاد علي ڀٽو، آغا رشيد علي کهاوڙ، حافظ محمد عيسيٰ ۽ ٻين چيو ته پوري ملڪ ۾ سواءِ سنڌ صبي جي سڀئي درگاهون کليل آهن ۽ سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جو جواز ڄاڻائي مزارون بند ڪري ڪروڙين محبان اولياءِ جي دل آزاري ڪئي آهي ۽ سنڌ جي صوفي بزرگان دين حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت قلندرلال شهباز سميت درگاهون بند ڪري حڪومت پنهنج من مستي ڪري رهي آهي ۽ يهودي لابي کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪورونا جو ڊرامو رچايو ويو آهي. جڏهن ته بازارون دنيا جون وهنوار پي ڊي ايم جا جلسا اهي سڀ بزرگان دين سان دشمني ڪري رهيا آهن ڇو ته اولياءَ ڪرامن هميشه محبت، امن ۽ رواداري جو درس ڏنو آهي ۽ زائرين جون تمام مشڪلاتون الله وارن جي صدقي ختم ٿينديون آهن جلد سنڌ ۾ ايس او پيز تحت درگاهون کوليون وڃن ٻي صورت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.