داد لغاري ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي چونڊ، عهديدار چونڊيا ويا

داد لغاري (ن ع آ) داد لغاري شھر ۾ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي عھدن جي چونڊن ٿي گذري سال2021ع لاءِ شھري ايڪشن ڪاميٽي اتفاق راءِ سان قاري بشير احمد لغاري کي سرپرست اعلي چونڊيو ويو، جڏھن ته ٻين عھدن تي اسلم لغاري صدر مکي تيرت ڪمار سينئير نائب صدر ابراھيم چنا نائب صدر  سعيد احمد جنرل سيڪريٽري جوائـنٽ سيڪريٽري لاءِ رياض لوھر انفارميشن سيڪريٽري لاءِ عابد خشڪ خزانچي محمد بخش لغاري آفيس سيڪريٽري ايوب چنا ۽ پريس سيڪريٽري لاءِ حنان لغاري کي چونڊيو. جڏھن ته ايگزيڪٽو ڪاميٽي لاءِ اسماعيل سومرو عمر فاروق پتافي لشڪر خشڪ ۽ نثار دايو جي چونڊ ڪئي وئي.

دائوجهانپور ۾ پاڪ آرمي زنده آباد ريلي

دائوجهانپور (ن ع آ) دائوجهانپور ڳڙھي ۾ ڊفينس پيز ڪائونسل پاڪستان طرفان تعليمي جاڳرتا ۽ پاڪ آرمي زنده آباد ريلي ڪڍي وئي ريلي ڊفينس پيز ڪائونسل جي آفيس کان ڪڍي وئي. ريلي غلام عباس بروهي،غلام قادر سومرو،اڪبر علي لانگاهه،محمد خان بروهي ظفر علي سومرو .دلشاد ڀٽي جي اڳواڻي ڪڍي وئي ريلي  شھر جي مختلف جاين ٿيندي نيشنل بئنڪ چوڪ پھتي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ريلي جو مقصد اھو آهي پنھنجن ٻارن کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياريو ڇو جو آڄ دور ۾ تعليم سڀ کان اھم آھي.۽ انھن وڌيڪ چيو ته پاڪ آرمي دنيا جي فوجن کان بھترين فوج آھي اسان پاڪ آرمي سان محبت ڪيو ٿا. ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ شھرين پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنده آباد جا نعره لڳايا.

خيرپور ۾ اکين جي مفت ڪئمپ، 390 مريضن جا آپريشن

خيرپور ( ڊر ) خيرپور ۾ مرڪزي تنظيم آرائيان ويلفيئر ٽرسٽ پاران سالياني 14 هين مفت احمد اکين جي ڪئمپ لقمان شهر ۾ ٻئي ڏينهن به جاري رهي، ان موقعي تي ڪيمپ جو رينجرز جو ونگ ڪمانڊر محمد عظيم ،ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر،اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ محمد اقبال جنڊاڻ،کجور منڊي خيرپور جو صدر بشيراحمد آرائين، ريڊيو پاڪستان خيرپور جو اسٽيشن ڊائريڪٽر مسرت حسين منگي ۽ زندگي جي شعبن سان واسطورکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي،  ڪئمپ ۾ هر سال جيان خيرپور سميت مختلف ضلعن کان مريضن جي آمد جو سلسلو جار آهي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ سوين مريضن جي او پي ڊي ڪري انهن کي مفت دوائون فراهم ڪيون پيون ويون، جڏهن ته مريضن جا جديد مشينريءَ ذريعي اکين جا آپريشن ڪرڻ سان گڏ انهن کي مفت دوائون، چشما، کاڌ خوراڪ ۽ رهائش پڻ فراهم ڪئي پئي وئي. ان موقعي تي ڪئمپ جي آرگنائيزرحاجي منير آرائين،مرڪزي تنظيم آرائيان جي سرپرست حاجي عبدالمجيد آرائين ،ياسر نواز آرائين،فهد منير آرائين ،ذيشان آرائين جن موجود هئا، ان موقعي تي حاجي منير آرائين،حاجي عبدالمجيد آرائين صحافين سان ڳالهائيندي  چيو ته چوڏهين سالياني احمد  اکين جي ڪئمپ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن خيرپور، سکر، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين ضلعن سميت خيرپورجي سمورن تعلقن توڙي ننڍن وڏن شهرن مان مريضن جي آمد جو سلسلو جاري آهي پهرين مرحلي ۾750 مريضن جي او پي ڊي ڪري 390 مريضن جو فيڪو مشين ذريعي آپريشن ڪري  کين مفت دوائون فراهم ڪيون ويون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.