حيدرآباد ۾ سماجي تنظمين جون تعليمي ريليون

حيدرآباد (رپورٽر) تعليم جي حوالي سان اعلانيل ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف تنظيمن پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون. سنڌ ايجوڪيشن ۽ شاهه لطيف علمي ادبي فورم طرفان اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين لياقت ميراڻي، شفيع ملاح، اميربخش لاکو، مختيار لاشاري، گل لغاري، منير لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسيئيشن ضلعي حيدرآباد پاران ضلعي صدر محمود چوهاڻ، پ ٽ الف جي صدر روشن مشوري، نواب سومرو، دفاع امن ڪونسل پاڪستان ضلعي ڄامشورو پاران عبدالستار انڙ، عنايت علي جهتيال، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن پڪو نه ڪرڻ ۽ اسڪولي عمارتن جي زبون حالي خلاف ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته تعليم جي اهميت انسان جي وجود سان شروع ٿئي ٿي، تعليم کانسواءِ انسان ترقي جون منزلون طئه نٿو ڪري سگهي. هنن چيو ته پاڪستان تعليم جي لحاظ کان دنيا جي ٻين ملڪن کان پوئتي پيل ملڪ آهي، پاڪستان خاص طور سنڌ ۾ تعليم جي بهتري ۽ غريب ماڻهن جي ٻارن تائين تعليم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هنن چيو ته هن وقت به ملڪ ۾ لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جن جي والدين جي معاشي صورتحال بهتر نه هجڻ سبب ٻار هوش سنڀالڻ شرط محنت مزدوري تي لڳي وڃن ٿا. هنن چيو ته تعليمي ادران ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ استادن ۽ عملي جي حالت به بهتر نه آهي، تعليمي ادارا ۽ عملو ڪيترن ئي مسلئن جو شڪار آهن، آءِ بي اي ٽيس پاس مقرر ٿيل هيڊ ماسترن سميت ٻيا استاد پنهنجي مستقبل لاءِ پريشان آهن. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان خاص طرح سنڌ ۾ تعليم جي بهتري طرف ڌيان ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.