ٽنڊي الهيار ۾ آبادگارن جو تپيدار خلاف احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) تعلقي جهنڊومري جي ديهه مورياڻي جي ننڍي آبادگارن جو تبيدار جي ناجائزين خلاف ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي آبادگارن عباس علي خاصخيلي . علي گل مگسي . غلام محمد مري . جمن مري . مکڻ مگسي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ديهه مورياڻي جي ڪرپٽ تبيدار هاجن ناهيون کي فوري هٽائي رليف ڏنو وڃي هنن الزام هڻندي چيو ته تبيدار اسان ننڍي آبادگارن کان ڍلون وڌيڪ وٺي ٿو . سيل سرٽيفڪيٽ ٺاهڻ لاء ايڪڙ جا پندرهن هزار وٺي ٿو اسان جي ڪڻڪ به کنيو وڃي جڏهن ته زمين جي ماپن ۾ پڻ هيرا ڦيري ڪري اسان ننڍن آبادگارن کي پاڻ ۾ وڙهائي رهيو آهي ڪيترائي ڀيرا اعلي آفيسرن کي دانهن باوجود اسان جي ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته ڪرپٽ تبيدار کي هٽائي ننڍي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.