لطف لطيف جو پيرو کنيو، موهن جو دڙو بچائڻ لاءِ پتوڙيو: اقرار پيرزادو

ڏوڪري (ت ر) سنڌ جي کاهوڙي ڪردار، ڀٽائي جي پارکو، صحافي ۽ ليکڪ لطف پيرزادي جي 68 هين سالگرهه جي موقعي تي سندس اباڻي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾تقريب ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، لطف پيرزادو اڪيڍمي پاران ٻلهڙيجي ۾ ڪوٺايل تقريب جي صدارت الطاف پيرزادي ڪئيم جڏهن ته تقريب ۾ منصور سولنگي، رياض پيرزدو، حفيظ پيرزادو اعزازي مهمان هئا، ان موقعي تي ساڃاهه وندن جو چوڻ هو ته لطف پيرزادي لطيف جو پيرو  کنيو ۽ سندس آثارن جي مالڪي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، هن موهن دڙو جا آثار بچائڻ لاءِ پڻ ڀرپور جدوجهد ڪئي، سندن چوڻ هو ته هو لطيف جي سائنسي بنيادن تي معنيٰ ڪندو هو، هن نوجوانن کي ڀٽائي سمجهايو، هنن وڌيڪ چيو ته لطف پيرزادي جو سڱ پنهنجي ملڪ جي ماروئڙن سان هو،  تقريب ۾ لطف پيرزادي جي فرزند شعور پيرزادي، دانيال پيرزادي، ارشد پيرزادي،  دانش پيرزادو، فراز پيرزادو، بشير پيرزادي، عرفان پيرزادي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.