ٽنڊي محمد خان ۾ تعليم بابت جاڳرتا ريليون

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر)  آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن   ضلع ٽنڊومحمدخان ۽ سول سوسائٽي طرفان 8 جنوري  تعليم جو ڏينهن جي حوالي سان ملهايو ويو ان حوالي سان گورنمينٽ مين  پرائمري اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي پ ٽ الف اڳواڻ عارف قريشي ، شاهنواز مهر ، تاج محمد رونجهو ، غلام علي رند ، ماما عبدالڪريم قريشي ،  صادق مهيري  ،  سماجي اڳواڻ عبدالحفيظ سٺيو  ، پي پي اڳواڻ رضا خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته تعليم جي مدد سان اسين سنڌ ۾ جهالت ختم ڪري سگهون ٿا سنڌ جي تباهه حال تعليم کي بحال ڪرڻ لاء اسين سڀ گڏ جي جاکوڙ ڪري تعليم جي شمع روشن ڪري سنڌ کي خوشحال بڻائي سگهون ٿا هنن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ملڪ جي عروج ۽ زوال، ترقي، خوشحالي، فلاح ۽ ڪاميابي جو اندازو ان ملڪ جي ”تعليمي پاليسي“ مان لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ تعليمي نظام هونئن به ٽن طبقاتي قسمن جي نصابن هيٺ پڙهايو وڃي ٿو جيڪڏهن اسين هڪ گڏيل نصاب تحت تعليمي پاليسي ٺاهيون ته طبقاتي فرق ختم ٿي سگهي ٿو جنهن سان سڀني کي اڳيان وڌڻ جي هڪهڙا موقعي ملندا هنن چيو ته يونين ڪائونسل سطح تي سڄي سنڌ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ بهترين اسڪول قائم ڪيا وڃن، جن ۾ پرائمري کان وٺي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج سطح تائين هڪ ئي وقت هڪ هزار ڇوڪرا ۽ هڪ هزار ڇوڪريون پڙهي سگهن. ان لاءِ سنڌ جي هر هڪ يونين ڪائونسل ۾ مٿي ڄاڻايل سطح جا ٻه بهترين سرڪاري اسڪول تعمير ڪرايا وڃن ٻئي پاسي ٽنڊومحمدخان سنڌ ترقي اسٽوڊنٽ فيڊريشن پاران تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان شوڪت ڪولاچي سجاد علي مگسي ظهور بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.