بڪيرا شريف لڳ ڪيترائي ڳوٺ گئس کان محروم

بڪيراشريف (ن ع آ) بڪيراشريف ڀرسان ڳوٺ فيض محمد رانگڙ ۾ نظام مصطفئ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن تنظيم پاران گونر سنڌ ۽ ٻين کان گهر ڪئي آهي اسان جي ڳوٺن ۾ سوئي گئس فراهم ڪئي وڃي. خبر موجب بڪيراشريف ڀرسان ڳوٺ فيض محمد رانگڙ ۾ تنظيم نظام مصطفئ جي چيئرمين امام الدين، فيض محمد رانگڙ، جاويد ملاح، اسماعيل مسرڪ ، ابراهيم مسرڪ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وزير اعظم پاڪستان عمران خان وزير اعلي سنڌ مراد علي شاهه، گونر سنڌ عمران اسماعيل سميت ٻين اعلئ عملدارن کي عرض ٿا ڪريون ته اسان جي ڇهن ڳوٺن جي سوئي گئس جي منظوري ڏني وڃي جنهن جي لاڳت 70.125 ملين آهي اسان پر اميد آهيون  ته وزير اعظم عمران خان اسان جي ڳوٺن کي سوئي گيس جي سهولت جي لاء لاڳت واري رقم جي منظوري ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.