عوامي آواز جو رپورٽر ظفر تڳڙ نوشهري فيروز پريس ڪلب جو صدر چونڊجي ويو

نوشهروفيروز (ڊ ر) پريس ڪلب نوشھرو فيروز جي 2021ع جي چونڊيل باڊي جي حلف برداري تقريب  ۾ ايم ظفر تڳر صدر چونڊجي ويو.  ان تقريب جو مھمان خاص پ پ ضلعي نوشھرو فيروز جو صدر فيروز خان جمالي ۽ پ پ ليديز ونگ نوشھرو فيروز جي صدر ڊاڪٽر فاطما شھناز انصاري، پ پ يوٿ نوشھرو فيروز جوصدر غضنفر علي راڄپر ۽ ن ليگ صوبائي اڳواڻ زاھد خان رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي، حلف برداري تقريب ۾ پرو گرام جي مھمان خاص فيروز جمالي  نئين چونڊيل باڊي پريس ڪلب نوشھروفيروز 2021ع  صدر ايم ظفر تڳڙ، سينئر نائب صدر  شير علي مشوري،  نائب صدر شڪيل احمد آرائين، جنرل سيڪٽري شيراز کوکر، جوائنٽ سيڪٽري  زاھد علي شاھه، خزانچي افضل علي  منگي، پريس سيڪٽري ايم عمران آرائين، انفارميشن سيڪٽري نديم احمد مغل، آڊيٽر اعجاز علي تڳڙ،   آفيس سيڪٽري حبيب الله ٻاٽ ۽ ايگزيڪيٽيو ڪاميٽي جي ميمبرن کان حلف ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.