ڇاڇري ۾ تعليمي جاڳرتا بابت تقريبون، سيمينار

ڇاڇرو (ت ر) ينگ سوشل ريفارمرس ٿرپارڪر پاران ٿرپارڪر ۾ سنڌ جي تعليمي ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف تقريبون سيمينار، انهي سلسلي ۾ مک تقريب چيلھار ويجهو ارنرو ۾ منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ مختلف علمي، ادبي شخصيتن سميت نوجوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي سيمينار ۽ ريلي کي خطاب ڪندي سماجي اڳواڻ امتياز نور ڪنڀر چيو ته اسان سلام پيش ٿا ڪيون پروفيسر لياقت ميراڻي، رحمتﷲ ٻلال ۽ سموري سٿ کي جنهن سنڌ جي تعليمي ڏهاڙي جي شروعات ڪئي، امتياز نور ڪنڀر چيو ته اسان اڄوڪي ڏينهن کي "اچو ته پنهنجي اسڪولن جي مالڪي ڪريون” جي عنوان سان ملهائي رهيا آهيون، سنڌ سرڪار کان اها گهر ٿي ڪجي ته اسان جي سرڪاري اسڪولن جي مالڪي ڪري انهن کي دور جديد جي سمورين سهوليتن سان آراسته ڪيو وڃي، سينيئر تعليمدان منگل رام سوٽهڙ خطاب ڪندي چيو ته استادن کي جديد دور جي تقاضا مطابق سکيا ڏني وڃي ته جيئن اسان جا شاگرد عالمي معيار مطابق جديد تعليم حاصل ڪري سگهن، ينگ سوشل ريفارمرس ٿرپارڪر جي ائڊمنسٽريٽر انجنيئر ممتاز نور ڪنڀر چيو ته نوجوانن کي هنري تعليم ڏانهن لاڙو وڌائڻ گهرجي،جيڪا هن وقت عالمي رجحان آهي،سماجي اڳواڻ جيتو مل ديوراجاڻي چيو ته اسان جي سرڪاري اسڪولن ۾ لائبريريون، سائنس ليبارٽريز ۽ ڪمپيوٽر ليبارٽريز مهيا ڪيون وڃن ته جيئن سنڌ جا نوجوان عالمي معيار ۽ ايڪيهين صدي جي جديد تقاضائن مطابق تعليم حاصل ڪري سگهن جڏهن ته سيمينار ۽ ريلي کي رئيس احمد سميجو، خالد سميجو،عارب مينگهواڙ، نظام الدين نهڙي، حيات نواب نهڙي، اسلم بجير، اعجاز ڪنڀر،صوفي آفتاب سميجو ۽ ٻين سماجي اڳواڻن ۽ تعليمدانن خطاب ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.