ڳڙهي خيري ۾ حڪومت مهانگائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) "تبديلي سرڪار” مھانگائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا, حڪومت عام واھپي سميت دوائن جي اگھن ۾ رڪارڊ اضافو ڪري ڇڏيو, مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ نا ڪام” ڳڙھي خيري ۾ ڪڻڪ جو اٽو 70 رپيا، کنڊ 100،  پيور تيل 250 رپيا في لٽر وڪرو، سبزي سميت عام واھپي جي شين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو, مزدور ھڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ به پريشان، حڪومت عام واھپي جي شين، سبزين ۽ دوائن ۾ رڪارڊ اضافو ڪري عوام جي چيلهھ چٻي ڪري ڇڏي، مھانگائي سبب عوام پريشان، ڳڙھي خيرو ۾ دڪاندار سبزي، ڪڻڪ جو اٽو، کنڊ سميت عام واھپي جي شين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. غريب ھڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ به پريشان، ڳڙھي خيرو ۾ مرغي جو گوشت 350 رپيا ڪلو وڪرو، مھانگائي عوام جي ڇيلھ چٻي ڪري ڇڏي, عوام مھانگيون شيون خريد ڪرڻ تي مجبور، ڳڙھي خيرو ۾ دڪاندار عام واھپي جي شين ۾ من پسند ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا، ڪڻڪ جو في ڪلو اٽو 70 رپيا، کنڊ 100 رپيا، پيور تيل في لٽر 250 رپيا، چانور 86 نمبر، 120 رپيا، چڻن جي دال 200 رپيا، مڱ دال 350 رپيا، ڪريلا 120 رپيا، بصر 60 رپيا، ٽماٽر 150 رپيا، پٽاٽا 40، توري 80 رپيا، گوبي 70 رپيا، ميھا 80 رپيا، انڊا 220 رپيا درزن، ننڍو گوشت ڇيلو 1000 رپيا، مرغي جو گوشت 350 رپيا، مڇي 400 رپيا، وڏو گوشت 450 رپيا وڪرو ٿي رھيو آھي. جڏھن حڪومت دوائن ۽ عام واھپي جي شين ۾ رڪارڊ اضافو ڪري ڇڏيو آھي، مھانگائي سبب عوام جي پريشاني ۾ اضافو ٿي ويو آھي، وفاقي حڪومت مھانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ڪري عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي، مھانگائي سبب عوام جي پريشاني ۾ اضافو ٿيڻ لڳو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.