سوڀوديرو رورل هيلٿ سينٽر ۾ مشينون خراب، ترقياتي ڪم ۾ ڪرپشن

سوڀوديرو ( رپورٽ: اورنگزيب پيرزادو  ) سوڀوديرو رورل هيلٿ سينٽر ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ، ايڪسري، الٽراسائونڊ مشين، ڊينٽل مشين ڪيترن ئي سالن کان خراب پيل آهن، دوائون ملٽي نيشنل ڪمپني جون خريد ڪرڻ بجاءِ لاھوري ڪمپنين کان وڌيڪ ڪميشن ملڻ سبب خريد ڪن پيا ،اھڙين دوائن مان ٻيون مختلف بيماريون جنم وٺن ٿيون ايمرجنسي وارڊ ۽ بلڊنگ جو ڪم گذريل ڏھن سالن کان رولڙي جو شڪار آھي، بلڊنگ جا چار ڪروڙ ۽ ڊاڪٽرن جي بنگلن جي رپئرنگ جا ٽي ڪروڙ ڪرپشن جي ورچڙھي ويا آھن، شھرين پ پ ايم پي اي احمد رضا شاھ عرف پيار علي شاھ جيلاني، پ پ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ ـ ايم اين اي فضل علي شاھ اڳيان ڪافي دفعا دانھون ڪيون آھن پر ڪير به نه ٿو ٻڌي اسپتال رات جو چوڪيدارن ۽ پٽيوالن حوالي آھي، ڊاڪٽر ڊيوٽي نه ٿا ڪن، ٻئي طرف ايم ايس سوڀوديرو ڊاڪٽر محمد عظيم عباسي  ميڊيا کي موقف ڏنو ته اسپتال جي بلڊنگ ھاڃيڪار قرار ڏنل آھي، نين بلڊنگ ۽ ايمرجنسي وارڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار آھن متبادل نه ھجڻ سبب عملو خوف ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي پيو ماھوار ست کان اٺ ھزار  او پي ڊي آهي، عملي کي واپس آڻن لاءِ بالا آفيسرن کي لکيو آھي ڊينٽل ايڪسري الٽراسائونڊ  مشينون خراب آھن، و ڏو وزير ۽ صحت وارو صوبائي وزير نوٽيس وٺن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.