ڪراچي ۾ ايس يو پي اڳواڻن تي ڪيس خلاف احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن ۽ سوڍر ويلفيئر پاران منير مگسي،ڊاڪٽر علي نواز گبول، حبيب آڪاخيل، جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي مرڪزي جوائنٽ سيڪيٽري مصطفي چانڊيو  ۽ بشير سوڍر مٿان ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرڻ خلاف اولھ پريس ڪلب ڪراچي آڏو سخت احتجاج ڪيو ويو. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي ايس يو پي ڪراچي ڊويزن نائب صدر منير مگسي، ضلع اولھ صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول، حبيب آڪاخيل،زينت مغل ۽ ٻين ڳالهائيندي مطالبو ڪيو ته ڊي۔ سي ايسٽ محمد علي شاھ ۽ مختيار ڪار اعجاز ميوو، سب انسپيڪٽر احمد،   ڌرتي ڌڻين جي سروي زمين تي زبردستي قبضو ڪري بلڊرن کي کپائڻ چاهي ٿو جيڪڏهن ڪو کپائڻ نٿو چاهي ته ان کي انتقامي ڪاروارئي جو نشانو بڻائي ڪوڙيون ايف آئي آر داخل ڪرائي بليڪ ميل ڪري ٿو ۽ مارائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو، انھن چيو ته ھن ڏاڍ خلاف مسلسل پوري سنڌ ۾ احتجاج ٿي رھيا آھن پر حڪومت سنڌ جي ڪن تي جونء به نٿي سري،اسان کي خبر آھي ته ڊي سي ايسٽ پي پي حڪومت جو کاٽو پٽ آھي مسلسل احتجاجن باوجود اسان جا اڳواڻ روپوشي واري زندگي گذاري رھيا آھن، انھن جي زندگين کي به سخت خطرو آھي ڊي سي ايسٽ اڳواڻن کي آف فرائي فل فرائي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيو آھي، اسين حڪومت کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته، بدمست ڊي۔سي  ايسٽ محمد علي شاھ ۽ اعجاز ميوو، سب انسپيڪٽر احمد ۽ ٻين انڪروچ منٽ پوليس اھلڪارن کي فوري طور تي هٽائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا،ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن،محبوب علي کوسو، انعم بي بي،نيلم،زينت مغل، امرين، ۽ ٻين  ان موقعي تي وڏي انگ ۾ عورتن ۽ مردن شرڪت ڪري ناري بازي ڪري اڳواڻن مٿان ڪيس ختم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.