ملڪ ۾ شيعا برادري کي نشانو بڻايو پيو وڃي:غازي فائونڊيشن

ملير (ڊ ر) غازي پاڪستان فائونڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر راجا غلام مصطفيٰ ڀٽي، مرڪزي صدر چوڌري عدنان ظفر آرائين، عابد حسين علوي، سجاد رسول عباسي ۽ ٻين ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل 20 سالن کان ڪوئٽا ۽ بلوچستان جي اهل تشيع برادري مسلسل دهشتگردي جي ٽارگيٽ تي آهي، ڪڏهن زائرين جي بسن کي مستونگ ۾ بيهاري سرعام قتل ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن هزار گنجي ۾ بم ڌماڪا، ڪوئٽا جي شيعا برادري جي عورتن کي نادرا آفس ۾ گوليون هنيو وينديون آهن ته ڪڏهن راندين جي ميدانن ۾ نوجوانن کي قتل ڪيو ويندو آهي ۽ هاڻي مڇ جي علائقي ۾ هڪ ڪان ۾ ڪم ڪندڙ اهل تشيع فرقي سان تعلق رکندڙ مزدورن جا هٿ پير ٻڌي تشدد بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته مقتولن جا وارث 4 ڏينهن کان لاش رکي ڌرڻي تي ويٺل آهن پر موجوده حڪومت ۽ وزيراعظم اُگهور ننڊ سُتل آهن، گذريل حڪومتن جي دور ۾ ساڳين واقعن تي موجوده وزيراعظم تنقيدون ڪندو هو پر اڄ وزيراعظم عمران خان ان واقعي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن چيو ته هن ملڪ ۾ ڪهڙي به فرقي يا مذهب سان تعلق رکندڙ شخص جي پاڪستاني هجڻ جي حيثيت سان جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ رياست جي زميواري آهي، رياست ماءُ وارو ڪردار ادا ڪري ۽ پنهنجي ٻارن جي زخمن جي دوا ٿئي، هنن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته انڊيا سميت سموريون پاڪستان دشمن قوتون افغانستان ذريعي بلوچستان ۾ دهشتگردي جو نيٽ ورڪ هلائي رهيون آهن هي واقعو به انهي سلسلي جي ڪڙي آهي، هنن چيو ته فوري طور تي نيشنل ايڪشن پلان تحت قومي سانحي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري قومي مسئلي کي حل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.