لاڙڪاڻي ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ ۽ گندگي خلاف احتجاجي ريلي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي يونين ڪاميٽي 12 پاران سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ توڙي عملي جي مبينا غير اڍنگي رويي ۽ گندگي خلاف بهارو ڪالوني مان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊ رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۽ بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن بعد اڳواڻن ريلي ڪڍي چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس آفيس ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن وحيد سنڌي، سيد زين شاهه، محمد علي شاهاڻي، جميل ڀٽو، شبير جتوئي، صحبت ڀٽو، عبدالوهاب سهتو، شبروز ڀٽو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن خاص ڪري چلڊرين اسپتال جي حالت انتهائي رحم جوڳي آهي جتي مريض ٻارڙن کي سرڪاري دوائون به نه ڏنيون وڃن ويتر ٻارڙا آڪسيجن گيس لاءِ به تڙپي رهيا آهن جنهن ڪري موقت واقع ٿيڻ جو امڪان وڌيل رهي ٿو. مريض ٻارڙن جي وارثن پاران شڪايت ڪرڻ تي کين دڙڪا ۽ داٻا ڏئي مجبور ڪري کين صلاح ڏني وڃي ته خانگي اسپتالن ڏانهن هليا وڃو، گندگي ايتري آهي جو صحتمند ماڻهو به بيمار ٿيو پوي. هنن مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻي جي اسپتالن خاص طور شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ هر طرح جو سڌارو آڻي داخل مريض ٻارڙن کي مفت دوائن سميت ٻيون ضروري سهولتون ڏنيون وڃن، عملي جي اخلاقي ۽ ذهني تربيت ڪري گندگي جو مڪمل خاتمو آندو وڃي ٻي صورت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.