اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ۾ تعليمي جاڳرتا ريلي

مٺي (بيورو)  اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ماليهار بجير ۾ به سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام ۽ اقراءِ محله ڪميٽي يوسي سوڀيار طرفان ريلي ۽ پروگرام منقعد ڪيو ويو،جنهن ۾ استادن،ڳوٺاڻن ۽ اسڪول جي ٻارڙن وڏي تعدا ۾ شرڪت ڪئي،پروگرام ۾ تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ پروگرام رٿيو ويو،جنهن ۾ ٻارڙن تقريرون ۽ ٽيبلو پيش ڪيا، پروگرام کي خطاب ڪندي سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام ٿرپارڪر جي مينيجر غلام محمد بجير چيو ته هر ڏينهن تعليم جي لاءِ جاکوڙڻ جو ڏينهن آھي. ،ٿرپارڪر تعليم جي حوالي سان پٺتي پيل علائقو آھي ان لاءِ اسان جي تنظيم ۽ ٻيون سماجي تنظيمون وڌ کان ڪوششون ڪري رهيون آھن ته اسڪولن ۾ ٻارن کي داخل ڪرائجي ۽ جنهن سهولتن جي کوٽ آھي اهي ڏنيون وڃن. ٿرپارڪر ۾ استادن جي کوٽ سڀ کان وڌيڪ آھي،2900 کان مٿي جايون خالي آھن جنهن تي جلد ڀرتي ڪئي وڃي. سي ايس ايس پي هيستائين 1000 کان مٿي ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي چڪي آھي انهي ۾ اهي ٻار داخل ڪيا ويا آھن جنهن جي عمر ڇھ سالن کان مٿي ٿي ويئي پر اهي ٻار ڪنهن سبب اسڪول نٿا وڃن جنهن جا ڪئي سبب آھن، انهن جي والدين کي راضي ڪري اهي ٻار اسڪولن ۾ داخل ڪيا ويا. اڄ هن ريلي جو مقصد به اهو ئي ته پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو ۽ انهن کي تعليم ڏياريو. گورنمينٽ پرائمري اسڪول عزيز پاڙو جي هيڊ ماستر ابراهيم بجير چيو ته اسان جا استاد محنتي آھن وڌ کان وڌ ڪوشش ڪيون ٿا ته ٻارن کي معياري تعليم ڏيون،اسڪولن ۾ سهولتن کوٽ ضرور آھي ڪرونا وبا سبب تعليم تي ناڪاري اثر پيا آھن پر اسان سرڪاري هدايتن تي عمل ڪندي تعليم جاري رکيو اچون. اقراء محلا ڪميٽي يوسي سوڀيار جي اڳواڻ هدايت الله بجير چيو ته اسان سي ايس ايس پي جا شڪر گذار آھيون جو انهن اسان کي هي ذميواري ڏني آھي پر سهولتن جي کوٽ سبب اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي ته اسڪولن ۾ ٻارن کي داخل ڪرائجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.