لاڙڪاڻي ۾ بدامني ۽ پوليس خلاف ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ عاقل جي رهواسي ڳوٺاڻن ٽريڪٽر ڦر، بدامني ۽ پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي پوليس خلاف شهر جي جناح  باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ٽريڪٽر ڊرائيور عصمت الله کهڙو پنهنجي چاچي جاويد احمد، سئوٽن نعمت الله، سهيل احمد، خالد حسين کهڙو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل 19 ڊسمبر جي ڏينهن آءُ لاڙڪاڻي مان ٽريڪٽر جي مرمت ڪرائڻ بعد ڳوٺ پئي ويس ته اٽڪل رات 8 وڳي عاقل باءِ پاس 7 هٿياربندن رستو روڪي ٽريڪٽر ڦر ڪري ڪاهي فرار ٿي ويا ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون اهڙو ڪيس حد جي پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر 20 ڏينهن گذرڻ جي باوجود پوليس ڦورن خلاف ڪاروائي ناهي ڪئي ۽ نه ئي ٽريڪٽر هٿ ڪيو ويو آهي. هن الزام لڳايو ته ايس ايڇ او ممتاز راهوجو جي مقرري کان پوءِ تر ۾ چورين، ڦرون ۽ ڌاڙن جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي پوليس ڳوٺاڻن کي ڏوهارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، ڪنهن به واردات جي آڙ ۾ ايس ايڇ او ڳوٺاڻن کان ڳري رشوت وٺي ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري علائقي ۾ بدامني چوٽ چڙهي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته علائقي ۾ وڌندڙ بدامني کي ٻنجو ڏئي ٽريڪٽر هٿ ڪري ايس ايڇ او عاقل ممتاز راهوجو کي هٽائي سندس خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.