پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) پيرجوڳوٺ جي راشدي گيٽ وٽ هٿياربندن انيس احمد ميمڻ جي دڪان جا تالا ٽوڙي 4 جنريٽر ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا آهن. جنهن جي ماليت لکين روپيه ٻڌائي وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ دڪاندار انيس احمد ميمڻ سخت احتجاج ڪندي چيو ته پيرجوڳوٺ ۾ ٽن ڏينهن اندر 10 کان وڌيڪ ڏوهي وارداتون ٿيون آهن پر ان باوجود پيرجوڳوٺ پوليس خاموش بڻيل آهي، ۽ شهرين ۾ خوف پکڙيل آهي.