ڪوٽڏيجي لڳ بدامني، ٽن دڪانن جون ڇتون پٽي لکين رپين جي چوري

ڪوٽڏيجي ( رپورٽ: ثناءُ الله بگٽي   ) ڪوٽڏيجي ۾ امن امان جي صورتحال خراب چوري  ڦورن ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام شهري توڙي ڳوٺاڻا راتون جاڳي گذارڻ تي مجبور بڻيل هڪ هفتي کان خالي پيل ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي  نئون مقرر ايس ايڇ او اسلم لغاري  کي  پھرين رات ۾  چورن جي سلامي نامعلوم چورن ڪوٽڏيجي جي ڪاروباري مرڪز ڪوٽبنگلو شھر جي مين بازار مان عرفان جنرل اسٽور جي دڪان جي ڇت پٽي 30 کان 40 هزار روڪ رقم  ۽ قيمتي سامان  ۽ ڪامران حيدر شاهه جي دڪان مان ڏيڊ لک جا پئسن وارا هار 2 لکن کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ قيمتي سامان  جڏهن ته ساڳئي لائين ۾ اسلم ڪريانه  جي دوڪان جي به ڇت پٽي ھزارين  رپين جا سگريٽ ۽ لکين روپيا روڪ رقم ٻيو قيمتي سامان نامعلوم چور آساني سان ٻوهاري ڪري فرار ٿي ويا ان موقعي تي متاثر دڪاندارن عرفان علي چنا، ڪامران شاهه ميڊيا کي ٻڌايو ته  جيئن اسان صبح سان دڪان جا شٽر کولياسين ته دڪان جا ڇت پٽيل ھئا اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنوسون چورن اسان سان ظلم ڪيو آهي انصاف ڪيو وڃي شهرين پاران ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نامعلوم چورن کي گرفتار ڪري دڪانن مان چوري ٿيل ويل لکين روپيا روڪ ۽ قيمتي سامان ۽ لکين جا پئسن وارا هار واپس ڪرائي شهر ۾ پوليس جي گشت واڌي ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري شهرين کي تحفظ ڏنو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس موجب چورن جي ڳولا ڪيون ٿا جيڪو به چوري ۾ ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪري چوري ٿيل ويل سامان واپس ڪرايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.