ڪي اين شاهه ۾ بدامني، شهرين جو احتجاج

خيرپورناٿن شاھ ( ن ع آ  ) خيرپورناٿن شاھ ۾ وڌندڙ بدامني چورين ڦورن سبب شھري سخت پريشان وپارين شھرين جو عمران زنگيجو، جان محمد  چڄڙو، آفتاب ڏيپر،  خليل احمد ڇڄڙو، دلدار ڀٽو  ۽ عبدالڪريم کونهارو جي اڳواڻي ۾ اليڪٽرڪ شاپ ۽ موبائيل شاپ جا دڪان بند ڪري جزوي شٽر بند هڙتال ڪري مين بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري مک روڊ تي ڌرڻو هنيو، جتي هنن خطاب ڪندي چيو ته خيرپورناٿن شاھ شھر بدامني جي ور چڙھي ويو آھي، هر روڊ غير محفوظ بڻيل آھي ڏوهاري سرگرم ٿي ويا آھن، پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس بڻيل آھي، هنن وڌيڪ چيو ته گذريل رات دير سان شھر جو مشھور ليٿ مشين جو ڪاريگر محمد خان ڇڄڙو دڪان بند ڪري موٽر سائيڪل تي ڳوٺ قائم خان ڇڄڙو وڃي رهيو هو ته ڳوٺ ٿلهو لنڪ روڊ تي نا معلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي روڪي موٽر سائيڪل 6 هزار روپيا روڪ رقم موبائيل سيٽ ڦر ڪري تشدد ڪيو، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.