پيرڳوٺ ۾ ڪاري ڪامڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 3 ڀاتي فوت

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ ڇتن شاھ ۾ ڪاري ڪامڻ جي بيماري وبا اختيار ڪري وئي 24 ڪلاڪن اندر هڪ ئي خاندان جو انٽر جو شاگرد 19 سالا علي جان ولد علي خان جاگيراڻي، نسيم احمد جاگيراڻي  ۽ پيرسن عورت مور زادي جاگيراڻي فوت ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن پرويز جاگيراڻي، نوبت فقير جاگيراڻي، فرمان جاگيراڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪاري ڪامڻ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ۽ ڳوٺ ۾ 40 سيڪڙو آبادي ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا آهي. بار بار دانھڻ باوجود هن وقت تائين سنڌ حڪومت توڙي صحت کاتي پاران ڪي به اپاءُ ناھن ورتا، مريضن کي سول اسپتال خيرپور هيپاٽائٽس ڪنٽرول پروگرام ۾ مريضن کي دوائون به نه ٿيون ڏنيون وڃن، ڄاڻايل سينٽر غريب لاءِ بي فائده بڻيل آهي، غريب هجڻ ڪري مهانگيون دوائون نجي اسٽورن تان خريد ڪرڻ جي سگھ نه آهي. هنن صحت جي صوبائي وزير ۽ ڊي جي هيلٿ کان گھر ڪئي ته سندن ڳوٺ ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي هيپاٽائٽس (ڪاري ڪامڻ) تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ خيرپور واري سينٽر ۾ دوائون مهيا ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.